ممبئي (ويب ڊيسڪ)مودي سرڪار درسي نصاب ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ شروع ڪيو.مودي حڪومت هندو قومپرستي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تعليمي نصاب تبديل ڪري ڇڏيو آهي.12هين ڪلاس جي تاريخ ۽ سياست جي سيڪشن مان اهم واقعا ڪڍيا ويا.هندو انتهاپسندي مهاتما گانڌي جي قتل، گجرات فسادن ۾ مسلمانن جي قتل عام سان تعلق کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.










