مودي جي ڀارت ۾ حراست دوران قتل عام ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

مودي جي ڀارت ۾ حراست دوران قتل عام ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم محمد شهباز شريف ممتاز ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ناٺي الطاف شاهه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي وزيراعظم ان حوالي سان لکيو ته مودي حڪومت کي خبر هئي ته الطاف شاهه ڪينسر جو مريض آهي، ان باوجود سندس علاج کان انڪار ڪيو ويو.شهباز شريف لکيو ته ڀارت ۾ مودي جي حراست قتل عام آهي.وزيراعظم الطاف شاهه جي خاندان سان دلي تعزيت جو پڻ اظهار ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب الطاف شاهه جي ڌيءَ پنهنجي والد جي وفات بابت سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو هو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب کيس 2018ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. گذريل 6 مهينن دوران سندس ڌيءَ پنهنجي والد جي خراب صحت بابت اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون ۽ فوري علاج جي اپيل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو