ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته دفاع جو ڏينهن اسان کي شهيدن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اسان کي پنهنجن شهيدن تي فخر آهي ۽ اسان انهن جي خاندانن سان گڏ آهيون. اسان جي فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار دفاع جي ڏينهن جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ گورنر سنڌ دفاع جي ڏينهن جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني، جتي هن گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا. ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي ۽ ايم ڪيو ايم اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان معرڪہ حق کان پوءِ معرڪہ معيشت جي جنگ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ڀارتي حڪومت جي پاڻي جي جارحيت جي مذمت ڪندي گورنر سنڌ چيو ته اسان جي قوم بهادر ۽ دلير آهي، ڀارت اسان جي ترقي نٿو چاهي، پر اهو اسان جي حوصلي کي گهٽائي نٿو سگهي. هن پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان آءِ ٽي سميت هر شعبي ۾ ڀارت کي شڪست ڏيندو. پاڪستاني فوج سان گڏ ميڊيا به آپريشن بنيان المرصوص ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو. الله پاڪستان جي حفاظت ڪري ۽ شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. سنڌ جي گورنر پاڪستاني فوج جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، ۽ اسان شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته نواسہ رسول صلي الله عليه وسلم اسلام جي سر بلندي لاءِ شهادت ڏني، سچائي ۽ صداقت جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪئي. پاڪستان اسلام جي نالي تي حاصل ڪيو ويو، ۽ اسان کي ان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻو آهي. سنڌ جي گورنر وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي جي تحت ون ونڊو آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي، ۽ پاڪستان معاشي ترقي جي رستي تي آهي. سنڌ جي گورنر پاڪستان سان تعاون ڪندڙ ملڪن جو به شڪريو ادا ڪيو.










