منڪي پاڪس، سنڌ جي اسپتالن کي آئيسوليشن وارڊ ٺاهڻ جو الرٽ جاري

منڪي پاڪس، سنڌ جي اسپتالن کي آئيسوليشن وارڊ ٺاهڻ جو الرٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت منڪي پاڪس ڪيسن کي نظر ۾ رکي اسپتالن کي آئيسوليشن وارڊ ٺاهڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو تفصيل مطابق پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ دائريڪٽر هيلٿ سروسز سنڌ پاران سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا وڃن الرٽ ۾ هدايت ڪئي آهي ته 10 بسترن تي ٻڌل آئسوليشن وارڊ بنا دير ٺاهيو وڇي وارڊز ۾ 5 بيڊ عورت ۽ 5 مردن لاءِ رکيا وڃن سنڌ جي 25 کان وڌيڪ وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ ائيسوليشن وارڊ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن سول اسپتال، جناح اسپتال ۽ لياري جنرل اسپتال جي سربراهن کي الرٽ موصول ٿي ويو آهي پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد، غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال، سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال سعودآباد، نارٿ ڪراچي، ڪورنگي ۽ ابراهيم حيدري کي به فوري وارڊ قائم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو