ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي خوبصورت اداڪارا ۽ اڳوڻي راڻي حسن سشميتا سين چيو آهي ته منهنجي زندگي ۾ هاڻي ڪو به مرد ناهي رهيو، مان 2021 کان سنگل آهيان.سشميتا سين جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ روهمن شاول سان سندس لاڳاپن جي حوالي سان خبرون آهن ته هوءَ ساڻس ڊيٽنگ ۾ مصروف آهي.پر هاڻ اداڪارا انهن افواهن تي جواب ڏيندي چيو آهي ته هوءَ ڪجهه سالن کان سنگل آهي.ريا چڪرورتي جي پوڊ ڪاسٽ ”باب 2“ جي پهرين قسط دوران پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي سشميتا چيو ته هوءَ ڪنهن به رشتي ۾ ناهي.هن چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪو به ماڻهو ناهي. مان هڪ ڊگهي وقت تائين اڪيلو آهيان. 2021 کان وٺي.سشميتا اهو به چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪجهه عجيب ماڻهو آهن جيڪي منهنجا دوست آهن ۽ اهي سڀ ان لمحي جو انتظار ڪري رهيا آهن جڏهن آئون انهن کي فون ڪري چوان ته، ”ڏس، مان گاڏيءَ جي پٺئين سيٽ تي ويٺي آهيان ڪار، اسان گوا ڏانهن وڃي رهيا آهيون.










