منهنجي ادارن سان ڪابه ويڙهه ناهي: شيخ رشيد

منهنجي ادارن سان ڪابه ويڙهه ناهي: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سندس ادارن سان ڪا به ويڙهه ناهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، راڻا ثناءُ الله کي ٻڌو، ڪنٽينر لڳائڻ تي تحريڪون نه رڪجنديون هن چيو ته منهنجي ادارن سان ڪا ويڙهه ناهي، ملڪ جي سلامتي جو سوال آهي، چور مسلط ٿي ويا آهن، ننڍو ماڻهو راڻا ثناءُ الله وڏي گهر ۾ اچي ويو آهي.شيخ رشيد چيو ته انشاءَ الله اسلام آباد مان هڪ به لاش نه نڪرندو، جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ته راڻا ثناءُ الله ملوث آهي ته ان تي ڪاغذ ڏي.ناڻي واري وزير جو نالو وٺندي اڳوڻي وزير چيو ته اسحاق ڊار صاحب توهان وٽان هڪ پئسو به ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو