تحرير:_ نور سنڌي
لاڙڪاڻي ضلعي تي نظر وجهون ٿا ته مختلف شعبن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيندڙ بيشمار شخصيتون جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو، مولانا جان محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيون بي شمار شخصيتون جن جا نالا لکجن ته ڪتابن جا ڪتاب ڀرجي ويندا، اهڙين ئي شخصيتن منجھان سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليم دان ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هو. سندس خدمتون سنڌ واسين کان لڪيل نه آهن، سندن فرزند مير نادر علي ابڙو هونئن ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آهي پر انهي کان علاوه سندس ڪردار سنڌ ۾ سماجي ورڪر، اديب ۽ ڪالم نویس طور مشهور آهي.
مير نادر علي ابڙو جي پيدائش 15 مئي 1972ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿي. سندس جي ڄمڻ کانپوءِ جلد ئي سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿيو ۽ هو والد جي نوڪري سبب پهرئين درجي کان ميٽرڪ تائين مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو ۽ پوءِ 1985ع ۾ سندس والد جي رٽائر ٿيڻ تي لاڙڪاڻي (ڳوٺ) واپس آيا ۽ باقي تعليم يعني ايم اي (آءِ آر)، ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي ڪري 1993ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. شروع ۾ مشهور وڪيل عبدالرزاق سومري جو جونيئر ٿيو، بعد ۾ عبدالرزاق سومري جي دبئي ۾ سفير ٿيڻ ڪري برصغير جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وڪالت ۾ پارٽنر ٿيو، کيس سول جج ٿيڻ جو ڏاڍو شوق رهيو پر ڪن سببن جي ڪري سول جج ٿيڻ بجاءِ اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويو.
مير نادر علي ابڙو جڏهن ميٽرڪ پئي پڙهيو ته سندس والد وفات ڪري ويو، والد جي وفات کانپوءِ باقي جيڪا به سندس تربيت ٿي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي هٿ ۽ ڇانوءِ هيٺ ٿي. هي مردِ مجاهد آهي ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پوليس، پر اسان جي سنڌ جي روايتي پوليس ته شروع کان مشهور رهي آهي، هتي ته سپاهي به ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل، مغرور، آدم بوءِ هوندا آهن، وري جڏهن هن پوليس آفيسر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته جهڙوڪ ڪانگن ۾ ڪبوتر ويٺو هجي. جتي به سندس مقرري ٿي، اتي ادبي ميلا مچايائين ۽ سماجي ڪمن ۾ مسڪين جهان خان کوسي وانگر ميدان تي لهي پئي ٿو. مونکي اهو ڏينهن ياد اچي ٿو جڏهن ميرپورخاص ۾ مها ٻوڏ آئي ۽ شهر ٻن مهينن تائين پاڻي هيٺ رهيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي اخبارن جي فرنٽ پيج تي هڪ گڏهه گاڏي تي ويٺل همراهه تي نظر پئي، انتهائي حيرت ٿي، انهي گڏهه گاڏي تي ڪو ٻيو نه بلڪ مير نادر علي ابڙو پنهنجي اسٽاف سان گڏ پاڻي سان ڀريل روڊ تي گڏهه گاڏي ۾ آفيس وڃي رهيو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فون تي انهي جو سبب پڇيومانس ته سنجيده ٿي چيائين ته يار ميرپورخاص ۾ ٻن مهينن کان روڊن، رستن، دڪانن، گهرن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي ئي پاڻي هيو. ميرپورخاص واسين جون فونن جي مٿان فونون هيون ته اوهان ڊويزن جا اينٽي ڪرپشن آفيسر آهيو اسان جي مدد ڪريو ۽ پاڻي ڪڍرائي ڏيو. منهنجي بار بار فون ڪرڻ تي انتظاميه ڪا به دلچسپي ڪونه ورتي، پر جڏهن گڏهه گاڏي تي چڙهيم اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي آيس ته اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل اهڙي خطرناڪ صورتحال ڏسي انتظاميا تي اهڙو ته ڏنڊو کنيو جو مهينن وارو ڪم چند ڏينهن ۾ ٿيو. جڏهن ٿر ۾ ننڍن ٻارڙن جون اسپتال ۾ فوتگيون پئي ٿيون ته هن مردِ مجاهد ميرپورخاص جي سڀني اين جي اوز سان گڏجي پوسٽ آفيس چوڪ تي ٽينٽ هڻي امداد لاءِ ويهي رهيو.
2003ع ۾ سندس ڪيل وصيت ته منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجون ٻئي اکيون، ٻئي گردا ۽ جگر ڪنهن غريب مسڪين، پيرين اگهاڙن انسانن کي ڏنا وڃن ۽ باقي بچيل لاش ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽي کي ڏنو وڃي جتي ميڊيڪل جا شاگرد لاش جي چير ڦاڙ ڪري ڪجهه سکي سگهن ۽ انسان ذات جي خدمت ڪن. سندس اهڙي وصيت ته مرڻ کانپوءِ به انسان ذات جي خدمت ڪيان، سچ پچ ته سندس هيءَ قد ڪاٺ مٿانهون ڪري ٿو. ٿر جي ڏورانهين علائقي ننگر پارڪر ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي سان لائبريري قائم ڪري ٿو ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪري ٿو. ٺري ميرواهه جهڙي پسمانده علائقي ۾ به لائبريري قائم ڪري ٿو ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪري ٿو.
ادبي ڪتابي ميلا لڳرائي ٿو، ان جا افتتاح ڪري ٿو، بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ نامور ادبي، سماجي، مذهبي شخصيتن جون ورسيون ملهائي ٿو. 2001ع ۾ جڏهن عمرڪوٽ جو سرڪل آفيسر ٿي ويو ته ان وقت عمرڪوٽ ضلعو ختم ٿيڻ سبب سراپا احتجاج هو، ڪاروبار بند، روڊن تي جلسا جلوس، روڊ بلاڪ ۽ ٽائرن کي باهيون هيون ته هي حساس اديب پنهنجو قلم کڻي ٿو ۽ وزيراعظم پاڪستان مير ظفر الله خان جمالي سان مخاطب ٿيندي سنڌي، اردو اخبارن ۾ لکي ٿو ته “عمرڪوٽ ضلعو ڪڏهن بحال ٿيندو؟ جڏهن عمرڪوٽ ضلعو بحال ٿي ويو ته جشنِ ضلع بحالي عمرڪوٽ ۾ ضلع بحالي جي جدوجهد ڪندڙن کي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه هن واحد ٻاهرين ضلعي لاڙڪاڻي جي پوليس آفيسر کي به ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سان نوازي ٿو. مها ٻوڏ ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ پڻ هي فقير صفت پوليس آفيسر ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ميدان تي سندرا ٻڌي نڪري ٿو ۽ کيس مڃتا ۾ پير مظهر الحق ان وقت جو سينيئر صوبائي وزير سنڌ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازي ٿو. کيس سماجي ۽ ادبي خدمتن تي بي شمار ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس سان نوازيو ويو آهي. پاڻ سنڌ صحافي سنگت سنڌ سان گڏ پاڪستان جي 150 کن سماجي ادبي ۽ صحافتي تنظيمن جو تاحيات اعزازي ميمبر به آهي. سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ذاتي لائبريري سنڌ صوبي جي وڏين لائبريرين منجهان هڪ هئي، باوجود لکين روپيا آڇ ٿيڻ تي به هن لائبريري ڪونه وڪي ۽ اڌ ڪتاب سر شاهنواز خان ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻي کي عطئي ۾ ڏئي ٿو، ڇو ته انهي لائبريري جو بنياد وجهڻ ۾ سندس والد مرحوم جون تمام وڏيون ڪوششون ۽ ڪاوشون هيون ۽ اڌ ڪتاب سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کي ڏئي ٿو ته جيئن انهن نایاب ڪتابن منجهان سنڌ واسي فيضياب ٿين. هن سنڌ جي منفرد شخصيت کي مون معذورن جي پيرن ۾ ويٺل ڏٺو، پينو فقيرن کي چميون ڏيندي ڏٺم، اسپتالن ۾ غريبن، مسڪينن جا آپريشن ڪرائيندي ڏٺم، دوا درمل وٺرائيندي ڏٺم، غريب مسڪين نوجوانن کي پڙهائيندي ۽ سرڪاري نوڪريون وٺرائيندي ڏٺم. هميشه وڏي بيوروڪريٽ هوندي به هٿ ٻڌنڌي، نوڙت مان ملندي ڏٺم، ڪپڙو لٽو سادو پهريندي ڏٺم ۽ هن جي خاص ڳالهه جيڪا هن کي عام آفيسرن کان منفرد ٿي بڻائي سا اها آهي ته
اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا تي ته هي ڇانيل آهي ئي، پر هي سوشل ميڊيا جو راڻو آهي، سندس فيس بڪ تي بار بار پنهنجا سرڪاري توڙي پنهنجو ذاتي موبائل نمبر ڏيڻ ته ڪنهن کي به ڪو مسئلو آهي ته مون سان ڊائريڪٽ موبائل تي ڳالهايو. پاڻ صاحبِ ڪتاب آهي، سندس شخصيتن جي حوالي سان سنڌ جا 3 مشهور ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا ڏئي چڪو آهي ۽ شخصيتن جي ئي حوالي سان شاهه لطيف ڀٽائي (رح) بلڪل سچ چيو هو ته:
“ابڙو وڏ وڙو، سوڙهو سمو، سونهن سڀن،
تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڏي.”
اهڙيون شخصيتون ئي مشعل راهه آهن. مير نادر علي ابڙو هن سماج ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي ۽ پڻ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پڻ نالو روشن ڪندو اچي. پاڻ بهترين ليکڪ طور مشهوري ماڻي چڪو آهي، سنڌ جي عوام جي مفادن وارن اشوز کان وٺي سياسي، سماجي، علمي ادبي، صحافتي ثقافتي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين وارن ڏينهن تي سندن سوانح عمري ۽ سندن پنهنجي شعبن ۾ ڪيل خدمتن تي شاندار آرٽيڪل ڇپبا رهيا آهن، صوفياڻي راڳ سان سندس حد درجي تائين دلچسپي رهي آهي، سهراب فقير، صادق فقير، عابده پروين، پٺاڻو خان وڻندڙ فنڪار اٿيس.
هن ليول جا آفيسر دنيا جا ملڪ گھمڻ ويندا آهن پر پاڻ سڄي سنڌ گھمي آهي، سندس شادي سندس ماسي جي نياڻي صدره ابڙو سان ٿي، کيس 3 فرزند مير مهراڻ علي ابڙو، مير مدبر علي ابڙو، مير مزمل علي ابڙو آهن. پاڻ شاگردي واري دور کان ئي سياست کان پري رهيو آهي، کيس ننڍي هوندي کان پوپٽ گلاب جو گُل ۽ اڇا ڪپڙا وڻندا اٿس. پاڻ منهنجو جگري يار آهي، ڪيترا ئي ڪلاڪ ڪچهريون ڪندي خوشي ٿيندي آهي. سندس ڀيڻ پروفيسر زاهده ابڙو به وڏي ليکڪه آهي. ان جون علمي ادبي خدمتون به قابلِ تعريف آهن.










