اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 28 ڏينهن ۾ پنجون ڀيرو جيٽ فيول جي قيمت ۾ واڌ ٿي آهي. ڪمرشل جهازن لاءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ جيٽ فيول جي نئين قيمت 476.97 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.پهرين مارچ کان وٺي، في ليٽر جيٽ فيول جي قيمت ۾ 288 رپين جو رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته پهرين مارچ تي جيٽ فيول جي قيمت 188 رپيا في ليٽر هئي.










