اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته اپريل ۾ افراط زر جي شرح مارچ جي مقابلي ۾ 8 کان 9 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو اندازو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل اقتصادي آئوٽ لُڪ رپورٽ موجب اپريل ۾ افراط زر جي شرح 8 کان 9 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. وچ اوڀر ۾ جنگ جي صورتحال عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ خوراڪ جي فراهمي جي زنجير کي متاثر ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب مارچ ۾ افراط زر جي شرح 7.3 سيڪڙو رهي، جيڪا فيبروري ۾ 7 سيڪڙو هئي.جولاءِ کان مارچ تائين نون مهينن ۾ سراسري افراط زر جي شرح 5.7 سيڪڙو هئي، جيڪا گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 5.3 سيڪڙو هئي. رپورٽ موجب، توانائي جي قيمتن ۾ اضافو ٻين معاشي اشارن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهيو آهي، جنهن ۾ افراط زر به شامل آهي. جولاءِ کان مارچ تائين، ترسيل، درآمد، برآمد ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي.










