اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 14.47 سيڪڙو تي اچي وئي، هفتيوار مهانگائي ۾ 0.33 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي شماريات کاتي (اداري) مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هڪ هفتي اندر 26 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 11 شيون سستيون ٿيون ۽ 14 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.هفتيوار رپورٽ موجب، هڪ هفتي ۾ ٽماٽا 7.17 سيڪڙو، پياز 6.08 سيڪڙو، اٽي جي قيمتن ۾ 1.84 سيڪڙو ۽ پٽاٽن جي قيمتن ۾ 0.87 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ٿوم (لهسن)، دالون، آنا ۽ ڪيلا سستا ٿيا. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوڪنگ آئل، چانهه ۽ ڏهي سميت ڪيتريون ئي ٻيون شيون مهانگيون ٿيون، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ جو گوشت 8.56 سيڪڙو سستو ٿيو ۽ پهرين ٽماهي جي بجلي چارجز ۾ 6.08 سيڪڙو گهٽتائي آئي. رپورٽ موجب، هاڻوڪي هفتي ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 1.21 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته ايل پي جي (LPG) جي قيمتن ۾ 0.87 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.










