اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال اندر صحافين، ميڊيا پروفيشنلز ۽ آرگنائيزيشنز جي خلاف ڌمڪين ۽ حملن جا گهٽ ۾ گهٽ 140 ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪو ساليانو بنيادن تي 60 سيڪڙو اضافو آهي ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته فريڊم نيٽ ورڪ پاران تيار ڪيل پاڪستان پريس فريڊم رپورٽ مطابق صحافت لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطري واري جڳهه اسلام آباد آهي جتي 56 يا 40 سيڪڙو ڀڃڪڙيون ٿيون پنجاب ٻي بدترين جڳهه آهي جتي 35 (25 سيڪڙو) ڀڃڪڙين جا ڪيس جڏهن ته سنڌ ۾ 32 (23 سيڪڙو) ڪيس رپورٽ ٿيا 3 مئي تي ملايو ويندڙ ورلڊ پريس فريڊم ڊي کان اڳ جاري رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪجهه ئي مهينن ۾ ملڪ جو ميڊيا ماحول خطرناڪ ۽ وڌيڪ تشدد وارو ٿي ويو آهي مئي 2022 کان مارچ 2023 وچ ۾ حملن جو انگ 63 سيڪڙو وڌي 140 ٿي ويو جيڪو 2021-22 ۾ 86 هو رپورٽ ۾ جائزي هيٺ مدي دوران پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 صحافين جي قتل جو به ذڪر ڪيو ويو آهي فريڊم نيٽ ورڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اقبال خٽڪ ٻڌايو ته صحافين جي خلاف تشدد ۾ اضافو پريشان ڪندڙ آهي ۽ فوري ڌيان جو گهرجائو آهي هن چيو ته غير جانبدار صحافين تي حملي سان اهم ڄاڻ تائين پهچ رڪجي وڃي ٿي جيڪا خاص طور تي جاري سياسي ۽ معاشي بحران دوران تباهه ڪندڙ آهي جڏهن عوام کي ڀروسي جوڳي خبر جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اهم مسئلن کي سمجهي سگهي اقبال خٽڪ چيو ته پاڪستان 2021 ۾ صحافين جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ڪندڙ ايشيا جو پهريون ملڪ بڻيو جڏهن ته ڏيڍ سال بعد وفاق ۽ سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ جي قانونن ڪنهن هڪ صحافي جي به مدد نه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي خلاف تشدد ۾ اضافو ٿيو هڪ بيان ۾ هن چيو ته فريڊم نيٽ ورڪ وزيراعظم شهبازشريف تي زور ڏنو ته هو 2 نومبر 2022 تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ڪيل واعدن کي بنا دير پورو ڪري صحافين جي خلاف ڏوهن کان ڇوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي ڏينهن جي موقعي تي پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021 تحت گهربل حفاظتي ڪميشن کي اطلاع ڪيو ته جيئن پارليامينٽ طرفان ٻطرفي حمايت سان منطور ٿيندڙ قانون صحافين جي مدد ڪرڻ شروع ڪري سگهي هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شآهه تي به زور ڀريو ته هو سنڌ پرٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ٻين ميڊيا پريڪٽشنرز ايڪٽ 2021 تحت پنهنجي نوٽيفائيڊ صوبائي سيفٽي ڪميشن کي وسيلن سان سرشار ڪري ته جيئن هي صحافين جي مدد ڪري سگهي ۽ کين صوبي ۾ انهن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن کان ڇوٽ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻائي سگهجي پاڪستان ۾ گذريل 11 مهينن ۾ صحافين جي خلاف 140 حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هر مهيني ۾ 13 ڪيس رپورٽ ٿين ٿا يا وري آزاد صحافت جون ڀڃڪڙيون اٽڪل هر ٻئي ڏينهن ٿين ٿيون.










