ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو، احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو، احترام سان ملهايو پيو وڃي

لاهور، ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) نئاسيءِ رسول حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ شهداءِ ڪربلا جو چهلھم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا غير معمولي ۽ فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. ڪراچي، لاہور، راولپنڊي، حيدرآباد، فيصل آباد، ڪوئٽه ۽ پشاور سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس نڪرڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو آهي، ڪنهن به اڻڻوندڙ واقعي سان منهن ڏيڻ لاءِ مجموعي طور تي وڏي تعداد ۾ پوليس اڳواڻ ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ چهلھم حضرت امام حسينؓ جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو، جلوس جي گذرگاهه ڏانهن ايندڙ رستا ڪنٽينر رکي بند ڪيا ويا آهن، ايم اي جناح روڊ ٽرافڪ لاءِ بند رهندو. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ چهلھم جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه اثناءِ عشري جي-6 ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو. پشاور ۾ چهلھم جو جلوس امام بارگاهه حسينيہ ہال صدر مان برآمد ٿيو، جڏهن ته لاہور ۾ امام حسينؓ جي چهلھم جو مرڪزي جلوس صبح جو حويلي الف شاهه اندرون دهلي گيٽ مان نڪرندو ۽ ڪربلا گامَي شاهه پهچي پڄاڻيءَ تي پهچندو. شهداءِ ڪربلا جي چهلھم تي ڪوئٽه ۾ قائدآباد، گوالمنڊي ۽ بروري واري علائقن ۾ اڄ موبائل فون سروس معطل رهندي. حيدرآباد ۾ چهلھم تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، حيدرآباد، مٽياري، دادو، سجاول، ٽنڊو الله يار، ٺٽو ۽ جھرڪ ۾ ڊبل سواريءَ تي پابندي عائد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو