ڪراچي(نمائندن وٽان)گرمي سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ به عروج تي آهي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو 14 کان 18 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. پشاور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ماڻهن احتجاج ڪيو، جنهن دوران مظاهرين موٽر وي ايم ون بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب روڊن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙن اختيارين سان ڳالهين لاءِ نه اچڻ تائين روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته لوڊشيڊنگ جو مدو ناقابل برداشت حد تائين وڌي ويو آهي. ٻئي طرف ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان آهي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ اڌ رات کانپوءِ به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف ڪيسڪو ڪوئيٽا ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 8 مان وڌائي 10 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته تربت، سبي، نصيرآباد ۽ جعفرآباد سميت ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه وزيراعظم ملڪ جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اڄ ڪابينا جو خصوصي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي طلب ۽ رسد ۽ لوڊشيڊنگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي، بجلي چوري خلاف جاري آپريشنز تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو ۽ بجلي جي حوالي سان صوبن کي درپيش مسئلن جو به جائزو ورتو ويندو.










