6 فيول مڪس جي عدم دستيابي جا سبب ۽ وفاق دستيابي لاءِ ڇا ڪيو؟ پيٽروليم ڊويزن پاور ڊويزن جي طلب موجب آر ايف او جي ضرورتن کي پورا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادار ڪري رهيو آهي، پاور ڊويزن جي طرفان 16 اپريل 2022 کان هن وقت تائين ڪئي ڊمانڊ ۽ آر ايف اووريج هتي ڏيون ٿا 16 کان 30 اپريل 2022 تائين گهرج 139 هئي جڏهن ته آر ايف او کي 168 تائين وڌايو ويو، مئي 2022 ۾ گهرج 304 هئي جڏهن ته آر ايف او کي 258 تائين وڌايو ويو، ائين ئي جون 2022 ۾ گهرج 442 هئي جڏهن ته آر ايف او کي 306 تائين وڌايو ويو ائين ئي جولاءِ 2022 ۾ گهرج 436 هئي.
60 جون 2022 تائين آئيل انڊسٽري ( او ايم سيز ۽ ريفائنري) وٽ موجود او اف جي موجوده ذخيرن 277000 ميٽرڪ ٽن آهن، جڏهن ته 130000 ميٽرڪ ٽن بر دار آرف ايف او جا 2 ڪارگو هن وقت بندرگاهه کان ٻاهر آهن، جولاءِ 2022 لاءِ تقريبن 180000 ميٽرڪ ٽن جي در آمد جو منصوبو ٺاهيو ويو، اهڙي نموني ڄاڻايل وڏا انتظام جولاءِ 2022 دوران پاور ڊويزن جي طرفان رکيا ويا 436000 ميٽرڪ ٽن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيئ
تيل جي صنعت پروڊڪٽ جو بندوبست ڪيو آهي، پر پاپر پلانٽس جي طرفان او اين سيز کي گهٽ آرڊرن ۽ ادائگي جي مسئلن جي ڪري اپ لفٽ منٽ پاور ڊويزن جي گهرج کان گهٽ هئي.ان مناسبت سان پيٽروليم ڊويزن پاور سيڪٽر لاءِ گهربل آر ايف او جو بندوبست ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششن ڪيون پيون وڃن ۽ لاڳاپيل پاور پلانٽس جي طرفان بروقت آرڊر ڏيڻ ۽ پيشگي ادائگين سان مشروط آر ايف او جي ضرورتن کي آرام سان پورو ڪري سگهي ٿو.
اڄ سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ان جا وڌ کان وڌ سبب اڳوڻي حڪومت جي 22-2018 دوران ڪيل غفلت ۽ ڪميشن آهي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ اعليٰ ۽ وڌندڙ توانائي جي قيمتن جي ڪري پاڪستان جو پاور سيڪٽر تقريبن آپريشن ٿيٽر ۾ آهي، ان کي جاري رکڻ هڪ اهڙو معجزو آهي جنهن جو ان شعبي ۾ پهرين ڪنهن کي به ڪڏهن به علم نه هيو، اهڙي نموني مالياتي بندش ۾ دير ٿي، حڪومت پاڪستان جي ساهيوال ڪول ۽ حب جهڙن مڪمل ٿيل منصوبن لاءِ ريوالنگ اڪائونٽ کولڻ ۾ ناڪامي جو نتيجو اهو نڪتو ته سي پيڪ تحت بجلي جي تياري جي سلسلي ۾ توانائي جي شعبي لاءِ وڌيڪ فنانسنگ ناهي، گذريل حڪومت يا ته سي پيڪ جي توانائي جي فريم ورڪ کي نه سمجهي سگهي يا پوءِ ان کان ٻاهر هئي سست پر يقيني طور تي بجلي جي مڪمل خاتمي لاءِ هن شعبي کي گهٽو ڏنو ويو.
اهڙي نموني هڪ اعليٰ ڪارڪردگي جو منصوبو پنجاب ٿرمل آر ايل اين جي پاور پلانٽ تي تريمون، جنگ(1263 ميگا واٽ) پي ٽي آءِ طرفان ٽن سالن کان گهڻو دير جو شڪار رهيو، حڪومت ۾ ان وقت جوش ۽ جذبي ۽ ڌيان جي کوٽ ۽ نيب جي ذريعي جادوگري جي ڪري پنانشل ڪلوزنگ بروقت نه ٿي بلڪه ان ۾ دير ڪئي وئي.
جيڪڏهن 3200 ميگا واٽ جا اهي 3 منصوبا بروقت مڪمل ڪيا وڃن ها ته پاڪستان جي شهري علائقن ۾ هن وقت لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، توڙي جو عالمي منڊي ۾ هاڻ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ به ٿي آهي، ان ٻنهي قسمن جي پلانٽن کي در آمدي تيل جي ضرروت نه پوي ها ته ٽئين ايل اين جي پلانٽ جي ڪارڪردگي تمام سٺي هوندي آهي( جيڪا 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جيڪا در آمدي ڪوئلي يا ريزيڊيول فيول آئل سان هلندڙ پلانٽ کان وڌيڪ قابل عمل آهي)
ايل اين جي جي بين الاقوامي سستي اگهن جي ڏينهن ۾ وڪري جي ڊگهي مدي وار ي معاهدي ۾ ناڪامي جي ڪري هاڻي مهانگي ترين ايل اين جي ، آر ايل اين جي جي خريداري جي ڊگهي مدتي معاهدي تي عملدرآمد جي تمام ٿوري منصوبابندي ڪئي وئي، ڪوويڊ 19-2020 جي وچ ۾ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ تمام گهڻي لاٿ ٿي تنهنڪري ان وقت جي حڪومت 3 کان 5 ڊالرز جي ايم ايم بي ٽي يو جي دستابي مان فائدو نه کنيو ۽ ان مرحلي تي ڊگهي مدي وارو معاهدو نه ڪيو ، جيڪڏهن ان وقت جي اڳوڻي حڪومت معاهدي تي صحيحون ڪري وٺي ها ته هاڻ بجلي جي صارفين ڏانهن تمام گهٽ بل اچن ها، پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت جن ڊگهي مدي وارن معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون ان تحت خريدي قيمت 8.02 ايم ايم جي ٽي يو هئي جيڪا 18 کان وٺي 2022 تائين جي وچ واري عرصي لاءِ هئي پر ان کان پوءِ قيمت 9.44 آمريڪي ڊالر ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي، توڙي جو ڪويڊ جي ڪري ٻن سالن دوران عالمي منڊي ۾ آر ايل اين جي جون قيمتون تماتم گهٽ هيون ۽ ان ۾ پهرين جي مقابلي ۾ ڪافي فرق آيو، هاڻ هلندڙن مهينن دوران آر ايل اين جي مهانگي اگهن تي خريداري جي ڪري وڏو مالي نقصان کڻڻو پيو آهي ڇو ته هاڻ 38 ڊالر في ايم ايم جي ٽي وي جي مهانگي ترين آر ايل جي خريدڻي پئي ان نموني وقت تي هڪ ٽاڪو لڳائڻ بجاءِ بي وقت جي سئو ٽانڪن وارو محاورو اچي ٿو.
ڊالر جي وڌندڙ قيمت ۽ گردشي قرض جون 2018ع گردشي قرض 1152 ارب هيو جيڪو مارچ 2022 ۾ 2467 ارب روپين جو اضافو ٿيو جيڪو 14 سيڪڙو اضافو آهي ۽ ان اضافي جو بار ٽيڪس ڏيندڙن تي پيو، گردشي قرض ۾ وڏي تيزي سان اضافو پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ لاٿ جي ڪري هڪ سبب اهو به آهي. جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت 115 رپيا في ڊالر جي بجا3 في ڊالر 191 رپين تي اچي ويو ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ٺاهيل نگران حڪومت جي نگراڻي دوران ٿيو، گردشي قرض ۾ حڪومت جي نجي ملڪيتي بجلي پلانٽس کي بروقت اداگئي ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي ڪوئلي مان هلندڙ بجلي جي پلانٽس کي واجب الادا وڏي رقم جو سبب بڻيو ۽ ان نموني ان جي ڪريڊٽ لائينز ختم ٿي ويون، هاڻي 3900 ميگا واٽ بجلي جي تياري وارن ٽن وڏن پاور پلانٽس وٽ ڪوئلي جو ايترو گهٽ ذخيرو آهي جو هو گهرج مطابق بجلي نٿا ڏئي سگهن، بلڪه هڪ پاور پلانٽ جو ڪوئلو ڪراچي جي بندرگاهه تي ڦاٿل آهي، ڇو ته ان پاور پلانٽ وٽ در آمدي اسٽاڪ بندرگاهه کان ڪليئر ڪرائڻ جي ادائگي لاءِ رقم ناهي.










