ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ روڊ کي ڪشادو ۽ خوبصورت بڻائڻ جو فيصلو

ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ روڊ کي ڪشادو ۽ خوبصورت بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ روڊ جي بحالي، ڪشادگي ۽ خوبصورتي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ 30.5 ڪلوميٽر ڊگهي هن اهم شاهراهه جي اپ گريڊيشن، ٽريفڪ مئنيجمينٽ، حددخلين جي خاتمي، بس ويز، بس اسٽاپس، يوٽرنز ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيلي غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ روڊ ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي، ٺٽي ۽ ملحقہ علائقن مان ايندڙ ٽريفڪ لاءِ هڪ اهم داخلي رستو آهي. هي شاهراهه شهري، علائقائي، مسافر ۽ ڪمرشل ٽريفڪ جي حوالي سان نهايت اهميت جي حامل آهي، ان ڪري ان جي بحالي ۽ ڪشادگي شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري، روڊ سيفيٽي ۽ شهري سهولتن جي بهتري لاءِ ضروري آهي.اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ روڊ ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ ٽريفڪ لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ گيٽ وي ڪوريڊور آهي، جنهن کي جديد تقاضائن مطابق بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن منصوبي جو مقصد صرف روڊ جي مرمت نه پر ڪراچي جي داخلي رستي کي هڪ محفوظ، منظم، خوبصورت ۽ عوام دوست شهري بليوارڊ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته هن منصوبي سان ٽريفڪ رواني ۾ بهتري، روڊ سيفيٽي ۾ اضافو، شهري سهولتن جي فراهمي ۽ ڪراچي جي گيٽ وي ڪوريڊور جي خوبصورتي ۾ نمايان بهتري ايندي. هن هدايت ڪئي ته منصوبي جي ڊيزائننگ ۽ عملدرآمد ۾ سڀني روڊ يوزرز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، پيادل هلندڙن ۽ شهرين جي سهولت کي مدنظر رکيو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير کي هدايت ڪئي ته اهي گڏجي پوري شاهراهه جو دورو ڪن ۽ روڊ تان حددخلين جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته 30.5 ڪلوميٽر ڊگهي هن شاهراهه تان سمورين تجاوزات جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ترقياتي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي مڪمل ٿي سگهي ۽ مستقبل ۾ ٽريفڪ جي نظم و ضبط کي برقرار رکي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم دوران خاص طور تي ورڪنگ ڏينهن ۾ مؤثر ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان جوڙي ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين، روزانو سفر ڪندڙن ۽ ٺٽي کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي گهٽ ۾ گهٽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي. هن چيو ته متبادل رستن، ٽريفڪ ڊائيورشنز ۽ عوامي آگاهي لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز علي حسن زرداري چيو ته حڪومت سنڌ ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ روڊ کي ڪراچي ۾ داخلا جي هڪ اهم شاهراهه طور ڪشادو، خوبصورت ۽ جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هي روڊ ڪراچي جي مرڪزي داخلي شريانن ۾ شامل آهي، ان ڪري ان کي جديد معيار مطابق بهتر بڻايو ويندو.علي حسن زرداري چيو ته موجوده صورتحال سبب شهرين ۽ ٺٽي کان ڪراچي سفر ڪندڙ ماڻهن کي ٽريفڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن جو حڪومت سنڌ کي مڪمل احساس آهي. هن چيو ته هي منصوبو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن شهرين کي جلد رليف فراهم ڪري سگهجي ۽ ڪراچي جي ٽريفڪ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. صوبائي وزير چيو ته منصوبي تحت روڊ جي ڪشادگي، خوبصورتي، مناسب بس ويز، بس اسٽاپس، منظم يوٽرنز ۽ روڊ سيفيٽي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته هن منصوبي سان نه صرف ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿيندي پر ڪراچي جي داخلي رستي جي خوبصورتي ۽ شهري سڃاڻپ ۾ به اضافو ٿيندو. علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتو منصوبي کي وقت سر ۽ معياري مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائيندو ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن سان ويجهي رابطي ذريعي ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته منصوبي تي عملدرآمد دوران معيار، رفتار ۽ عوامي سهولت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، جڏهن ته حددخلين جي خاتمي، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ تعميراتي ڪمن جي سلسلي ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا مربوط انداز ۾ ڪم ڪن.اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز محمد نواز سوهو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو