ملتان ( ويب ڊيسڪ) ملتان جي نشتر اسپتال جي ڇت تان پنج سئو لاش هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب نشتر اسپتال جي ڇت تي ٺهيل ڪمري ۾ سوين ڳريل لاش هٿ آيا آهن.اهڙي خبرن بعد پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اسپتال جي ڇت تي لاوارث لاش رکڻ جو نوٽيس وٺندي صوبائي سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته لاش ڇت تي اڇلائي غير انساني عمل ڪيو ويو آهي ۽ ذميوار عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.ڏکڻ پنجاب جي سيڪريٽري هليٿ معاملي جي جاچ لاءِ ڇهه رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ صحت واري سيڪيريٽري کي پيش ڪندي.نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي وائس چانسلر به ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي سموري معلومات سان گڏ پنهنجي رپورٽ وائس چانسلر کي پيش ڪندي.ٻئ پاسي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نشتر اسپتال ۾ جي مرده خاني جا فريزر ڪيئي ورهين کان خراب آهن ۽ پنج مان رڳو هڪ فريزر ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري اتي ست کان اٺ مڙهه رکي سگهجن ٿا.ان مرده خاني ۾ چاليهه مڙهه رکڻ جي جڳهه آهي پر لاوارث لاشن جو انگ گهڻو آهي.










