ملتان جي رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ آزاد پينل ٺاهڻ جو فيصلو

ملتان جي رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ آزاد پينل ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين سيزن ۾ ملتان سلطانز جي رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ آزاد پينل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پي سي بي ملتان سلطانز ۾ رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ آزاد پينل ٺاهيندو.آزاد پينل نيلامي کان اڳ ملتان سلطانز جي اسڪواڊ ۾ رهڻ لاءِ 4 رانديگرن جو انتخاب ڪندو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي نيلامي کان اڳ ملتان فرنچائز جا حق نيلام ڪندو. نيلامي ۾ ٽيم جي چونڊ نئين ٽيم مالڪن ۽ انهن جي ٽيم ڪندي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل جو 11 هون ايڊيشن 26 مارچ کان شروع ٿيندو، ۽ هن سيزن لاءِ رانديگرن جي نيلامي 11 فيبروري تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو