اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير عليم خان چيو آهي ته ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪري رهيا آهيون. نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير عليم خان سان فرانس جي سفير نڪولس گيل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪي معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي وفاقي وزير عليم خان چيو ته يورپي ملڪ سيڙپڪاري ۽ معيشت جي حوالي سان اهم آهن، نجڪاري جا سمورا ادارا منافعو ڪمائڻ ۽ بهتر ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.عليم خان چيو ته ڪراچي کان سکر موٽر وي پهرين ترجيح آهي ته جيئن پشاور تائين روڊن جو نيٽ ورڪ مڪمل ڪري سگهجي، واپار جي فروغ لاءِ چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ مڪمل ڪيو ويندو.ملاقات ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي چيو ته هو جديد ٽيڪنالاجي، دفاعي پيداوار ۽ آءِ ٽي ۾ فرانس جي ماهرن مان فائدو وٺي سگهن ٿا.ان کان علاوه ملاقات ۾ پاڪستان ۽ فرانس وچ ۾ ٻطرفن واپار کي وڌائڻ جي مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.










