خيرپور(سجاد علي ڪٻر) خيرپور ۾ سم نالي واري پاڙي جي رهواسڻ ذهني معذور نينگري سان ماسڙ پاران مبينا زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ذهني معذور ناري جي امڙ الزام مڙهيو آهي ته ڀيڻيوي گلشير ڪلهوڙي سندس سندس ڌيءُ سان زبردستي زيادتي ڪئي آهي ۽ هر روز مارڻ جو ڌمڪيون ڏيندو رهيو جنهن بعد نينگري سخت بيماري ٿي پئي هن چيو ته نينگري کان پڇڻ بعد هن سچائي ڪئي. متاثر خاندان چيو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري ڌمڪائي رهيو آهي ايس ايس پي آفيس به انصاف لاء چڪر ڪاٽيا آهن پر ايس ايس موجود نه هجڻ ڪري انصاف ناهي مليو هنن ايس ايس پي سميت ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري سندن انصاف ڪيو وڃي










