راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ٿيل معاهدي تي عمل سان پگهاردار طبقي کي ٽيڪسن مان رليف ملندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ پي پيز بي لگام گهوڙا آهن، حڪومتي وزير چئي رهيا هئا ته اهڙا معاهدا آهن، اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون.امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف جي دٻاءُ سبب بجلي ۽ ٽيڪس جا اگهه گهٽ نه ٿا ڪري سگهون.سندس چوڻ هو ته چيو ويو ته آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي، بجلي ۽ ٽيڪسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي نٿا ڪري سگهون.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ وڏن زميندارن کي ٽيڪس ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، حڪومت اسان سان معاهدو ڪيو.جماعت اسلامي پاڪستان جي امير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته معاهدي ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته رليف ڏنو ويندو. هن اهو به چيو ته هر اجلاس ۾ حڪومتي ٽيم آءِ پي پيز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٽيڪس جي معاملي تي 45 ڏينهن ۾ جائزو ورتو ويندو.










