معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڌ ڪابينا پگھار نه وٺندي

معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڌ ڪابينا پگھار نه وٺندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اميد آهي ته وزيراعظم جلد کان جلد ڪفالت جي قدمن جو اعلان ڪندو، حڪومتي ادارن جي بجيٽ ۾ گهٽتائي، سرڪاري ملازمن جي مراعات ۽ سهولتن ۾ گهٽتائي، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا معاملا غور هيٺ آهن.دي نيوز جي ايڊيٽر انويسٽيگيشن انصار عباسي جي رپورٽ موجب اڌ ڪابينا پگھار نه وٺندي، باقي ڪابينا ميمبرن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، ڪابينه ۽ پارليامينٽ ميمبرن جون مراعتون ۽ سهولتون، لگزري گاڏيون شامل آهن. ۽ سيڪيورٽي پروٽوڪول، ڪٽيو ويندو. رپورٽ موجب وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ عدليه کي درخواست ڪندو ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن، عدالتي آفيسرن ۽ ملازمن جي خرچن سميت عدليه جا خرچ گهٽ ڪيا وڃن.ان کان علاوه آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ جي صوابديدي گرانٽس ۽ ڳجهن فنڊن کي به محدود ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت ۽ بچاءَ واري وزارت غير جنگي دفاعي بجيٽ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون تيار ڪري رهيون آهن، جنهن جو وزيراعظم اعلان به ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو