مظاهر علي نقوي جي شوڪاز نوٽيس خلاف درخواست رد

مظاهر علي نقوي جي شوڪاز نوٽيس خلاف درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ مظاهر علي نقوي جي شوڪاز نوٽيس خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.جڊيشل ڪائونسل خلاف مظهر علي نقوي جي درخواست تي 7 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي.مظاهر علي نقوي جي وڪيل سعد هاشمي چيو ته مان پنهنجي موکل سان رابطو نه ڪري سگهيو آهيان، عدالت وقت ڏئي ته موڪل سان رابطو ڪري هدايتون ڏنيون وڃن.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪيس ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، شو ڪاز نوٽيس جي خلاف ڪائونسل جو فيصلو آيو آهي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ مظهر علي نقوي جي شوڪاز نوٽيس خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت عدم اطمينان جي بنياد تي شوڪاز نوٽيس خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو