مصر ۾ مسافر ٽرينون خوفناڪ حادثي جو شڪار 32مسافر فوت

مصر ۾ مسافر ٽرينون خوفناڪ حادثي جو شڪار 32مسافر فوت

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ مسافر ٽرينون خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويون. ميڊيا رپورٽن موجب حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٻڌايا پيا وڃن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب حادثو مصر جي گادي واري شهر قاهره جي ويجهو پيش آيو جتي مسافرن هڪ ٽرين کي ايمرجنسي بريڪ لڳائي روڪيو هو پر ان دوران پٺيان کان ايندڙ ٽرين بيٺل ٽرين سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 32 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو