اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ سڀني موبائيل ڪمپنين کي مشڪوڪ ماڻهن جي ديتا پوليس سان شيئر ڪرن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جستس بابر ستار جي عدالت اڳ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب ۽ عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي آڊيو ليڪس وارن ڪيسن ۾ عدالت 29 مئي تي جاري ڪيل حڪم م موبائيل ڪمپنين کي ڊيٽا شيئر ڪرن کان روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. پوليس جي قانون واري ڊائريڪٽر طاهر ڪاظم عدالت کي بڌايو ته عدالتي آهڪم سبب سوين ڪيسن جي تحقيقات متاثر ٿي رهي آهي. ڪيترن جوابدارن جو ڪال رڪارڊ ۽ لوڪيشن بابت معلومات گهربل آهي جيڪا نه ملڻ سبب تفتيش متاثر ٿي رهي آهي. جنهن بعد عدالت سڀني موبائيل ڪمپنين کي پوليس سان تفتيش ۾ تعاون ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.










