مشهور ڊرامانگار حسينه معين وفات ڪري وئي

مشهور ڊرامانگار حسينه معين وفات ڪري وئي

ڪراچي( رپورٽر)پاڪستان جي مشهور ليکڪه ۽ ڪيترائي ڊراما لکندڙ حسينه معين وفات ڪري وئي.ذريعن موجب حسينه معين دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي وئي، سندس جنازي جي نماز عصر جي نماز کانپوءِ ناظم آباد جي بلاڪ آءِ ۾ پڙهائي ويندي.حسينه معين 20 نومبر 1941 تي ڀارت جي شهر ڪانپور ۾ اکيون کوليون، شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ بعد پاڪستان منتقل ٿي جتي هن ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. حسينه معين پاڪستان ڊراما انڊسٽري لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا، سندس مشهور ڊرامن ۾ ان ڪهي، ڌوپ ڪناري، آنسو، آئينه ۽ بندش جهڙا ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان حسينه معين عالمي وبا ڪورونا وائرس کان محفوظ ٿيڻ جو پهريون ڊوز به هڻايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو