مسڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽ لائيٽس جو مالڪ بڻجي ويو

مسڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽ لائيٽس جو مالڪ بڻجي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايلون مسڪ خلا ۾ فعال سيٽ لائيٽس جي 62 سيڪڙو جو مالڪ بڻجي ويو آهي. هن هفتي هن خلا ۾ سيٽ لائيٽ موڪلي 7 هزار سيٽ لائيٽس موڪلڻ جو ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. سيٽلائيٽ ٽريڪر ‘سيلز ٽريڪ’ جي تازي ڊيٽا مطابق ايلون مسڪ جي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس دنيا جي 62 سيڪڙو فعال سيٽلائيٽس تي ڪنٽرول ڪري ٿي. هن وقت دنيا جي چوڌاري ڦرندڙ سيٽلائيٽس مان 6370 سيٽ لائيٽس مسڪ جي ڪمپني جون آهن ۽ اهو تعداد خلا ۾ موجود ڪل فعال سيٽلائيٽس جو 62 سيڪڙو آهي. مسڪ جي ڪمپني جي سيٽلائيٽس جو تعداد سندس برطانوي حريف ڪمپني ’وين ويب‘ کان ڏهوڻ تي وڌيڪ تي آهي. مسڪ پهريون ڀيرو 2019 ۾ سيٽ لائيٽ خلا ۾ موڪلي هئي ۽ ان بعد سراسري طور هو روزانو 3 سيٽ لائيٽس موڪليندو رهيو آهي. مسڪ جي ڪمپني اسٽار لنڪ ڪانسٽيليشن سڄي دنيا ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ فون ڪنيڪشن مهيا ڪري ٿي. في الحال 102 ملڪن ۾ سندس ڪوريج آهي ۽ 3 ملين کان وڌيڪ گراهڪن جي خدمت ڪري ٿي. اسپيس ايڪس مجموعي طور تي 42,000 سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ ۽ ان جي ڪوريج کي وڌيڪ ملڪن تائين وڌائڻ جو ارادو رکي ٿي، پر افغانستان، چين، ايران، اتر ڪوريا، روس ۽ شام کي هن بزنس پلان مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو