مستقبل ۾ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ٿيندي ڏسان پيو: منظور وساڻ

مستقبل ۾ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ٿيندي ڏسان پيو: منظور وساڻ

خيرپور (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته پارٽي جي مستقبل ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻجندي ڏسي رهيو آهيان، خيرپور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 27 هين آئيني ترميم ۾جي يو آئي پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏيندي، اڳ به ڏنو آهي، هن چيوته پي ٽي آءِ وارا پهريان به وڙهندا آيا آهن، پر فائدو کين اڃان تائين ناهي ٿيو، اسان ويڙهه ڪندڙ ماڻهو ناهيون، امن امان جي خواهش رکندڙ آهيون، منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اختلاف آهن، پاڻ ۾انهن جي نٿي لڳي، اڳتي هلي پي ٽي آءِ ورهائجي ويندي، پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته 18هين ترميم ۾ به اوهي ئي شرط هئا، جيڪي موجود ترميم ۾ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو