مريم نواز ضمانت تي آهي ۽ ججن تي حملا پئي ڪري: شيرين مزاري

مريم نواز ضمانت تي آهي ۽ ججن تي حملا پئي ڪري: شيرين مزاري

اسلام آباد)بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ انساني حقن واري اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته مريم نواز ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه ٿي ڳالهائي، هوءَ ضمانت تي آهي ۽ ججن تي حملا ڪري رهي آهي. شيرين مزاري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مريم نواز شور ڪري رهي آهي ته مان جيڪو چئي رهيو آهيان اهو ڪريو،هن چيو ته غير جانبدارن لاءِ پيغام آهي ته هو هاڻي عوام لاءِ فيصلو ڪن، پاڪستان 3 مهينن ۾ تباهه ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هو آمريڪي فوج جي اچڻ کانپوءِ هوش ۾ اچي ويندا. علي بابا چاليهه چورن جي ٽولي گڏ ڪري چڪو آهي، انهن وٽ نه عوامي طاقت آهي ۽ نه ئي پنجاب ۾ حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان سندن دوستي آهي، ڪاروبار آهي، هنن ملڪ کي تباهه ڪيو، غير جانبدار اڄ به سندن پويان آهن. شيرين مزاري وڌيڪ چيو آهي ته قوم فيصلو ڪندي ته عمران خان جو ساٿ ڏيندو يا چورن جو. هن اهو به چيو آهي ته توهان نه ڏسي رهيا آهيو ته پي ٽي ايم جا ماڻهو ڇا ڪري رهيا آهن پر قوم ڏسي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو