مريم نواز حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پڄي وئي

مريم نواز حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پڄي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز حفاظتي ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز نيب جي نوٽيس جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن تي اڄ ئي ٻڌڻي ٿيندي. مريم نواز درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) ٻن جاچن ۾ 26 مارچ تي طلب ڪري رکيو آهي ۽ درخواست ڏيندڙ کي 26 مارچ تي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.ان لاءِ عدالت نيب کي گرفتاري کان روڪي. واضح رهي ته نيب لاهور مريم نواز کي 26 مارچ تي 1500 ڪئنال جي مبينه غيرقانوني منتقلي واري ڪيس ۽ چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ طلب ڪري رکيو آهي.نيب مريم نواز جي پيشي جي موقعي تي امن امان جي صورتحال  کي برقرار رکڻ جي لاءِ لاهور آفيس جي ڀرپاسي جو علائقو ريڊ زون قرار ڏيندي سيڪيورٽي رينجرس جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو