مريم نواز جي ٻن لاڏلن ليگي وزيرن ۾ جهيڙو ۽ گار گند

مريم نواز جي ٻن لاڏلن ليگي وزيرن ۾ جهيڙو ۽ گار گند

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ بنا کاتي واري وفاقي وزير جاويد لطيف وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻئي هڪٻئي کي مارڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته ميمبرن وچ ۾ پئي کين جهيڙي کان روڪي ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هنن هڪٻئي کي گاريون به ڏنيون. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صوبائي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ميان جاويد لطيف وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي هڪ ٻئي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسيمبلي ميمبرن اعظم نذير تارڙ ، عبدالرحمان ڪانجو، قمر الزمان ڪائره ۽ ٻين کين ڇڏايو، تارڙ مرتضيٰ جاويد عباسي کي چيو ته هو خواجا آصف جي ڀر ۾ ويهي. ياد رهي ته ٻئي مسلم ليگ (ن) جي قيادت نواز شريف ۽ مريم نواز جا لاڏلا آهن. جاويد لطيف هڪ سال کان وفاقي وزير آهي پر شهباز شريف کيس کاتو نٿو ڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو