مريض جي بيهوش ڪرڻ بنا گردي جي ٽرانسپلانٽ

مريض جي بيهوش ڪرڻ بنا گردي جي ٽرانسپلانٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شڪاگو جي ’ڪمپريهينسو ٽرانسپلانٽ سينٽر‘ ۾ مريض کي بيهوش ڪرڻ بنا گردي جي ٽرانسپلانٽ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر ستيش نادگ جو چوڻ آهي ته مون 15 جولاءِ تي هڪ ڪلاڪ کان ٿورو وڌيڪ وقت ۾ آپريشن مڪمل ڪيو ۽ هي منهنجو ٻيو آپريشن آهي. هن چيو ته ميڊيڪل جي دنيا ۾ هي تمام وڏي ۽ جديد پيش رفت آهي. 74 سالن جي مريض هيري اسٽيڪ هائوس اي ايف پي کي بڌايو ته مان سڀ ڪجهه ڏٺو پئي ۽ ڪنهن به موقعي تي درد محسوس نه ڪيم. ڊاڪترن سان ڳالهائيندو رهيس ۽ هنن مونکي پنهنجي 45 سالن جي ڊونر ڌيءَ جو گردو ٽرانسپلانٽ کان اڳ ڏيکاريو ته مون چيو اڄ خبر پئي اٿم ته گردو ايڏو وڏو هوندو آهي. ڊاڪٽر ستيش نادگ چيو ته مريض کي 36 ڪلاڪن ۾ڊسچارج ڪيو ويو. ڊونر کي وڌيڪ وقت رکڻو پيو. هن چيو ته ڪرنگهي جي هڏي ۾ جنرل بيهوشي واري سئي هڻڻ جا سائيڊ اِفيڪٽ ٿينيدا آهن، جن ۾ ووڪل ڪارڊ متاثر ٿيڻ، پيٽ خراب ٿيڻ ۽ دماغ تي ڌنڌ ڇائنجڻ جا اثر وڏي عمر وارن مريضن ۾ ظاهر ٿين ٿا.
تفصيلي خبر پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو