سانگهڙ (رپورٽ منٺار رند) ورڪشاپ ڀرسان ڳوٺ عثمان بھڻ ۾ ڏن نه ڏيڻ تان پير مريدن مٿان مڇرجي پيو ۽ فائرنگ ڪري ڏني. پير احمد علي شاھ، ڏھ مڻ ڏن نه ڏيڻ تان پنهنجي مريد، علي مراد آرادين جي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ھڪ ڳوٺاڻو ننو بهڻ زخمي ٿي پيو. پير علي احمد شاھ خيرپور جو پي ٽي آئي اگواڻ به آھي . هو سنڌ اسمبلي جي تڪ پي ايس 30 تان پنهنجي پارٽي جو اميدوار به ھو. هو پنهنجي ڪلاشنڪوف بردار ذاتي محافظ سان گڏ زبردستي مريدن کان ڏن ۾ 10 مڻ ڪڻڪ وٺڻ پھچي ويو مريدن پاران ڪڻڪ ڏيڻ کان انڪار تي مريدن سان ڏند ڇڪ ٿيا ۽ پير زوري 5 مڻ يعني 2 ٻوريون پنهنجي گاڏي ۾ رکرايون. مريد سندس گاڏي کي ورائي ويا ۽ ٻوريون لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته محافظ مريدن تي ڪلاشنڪوف تاڻي ورتي.

ڳوٺاڻن ھمٿ ڪري وڊيو ڀري ورتي ۽ ڪڻڪ به لاهي ورتي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پير مريدن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ کنهواري ٿاڻي پهچي ويو. ايس ايڇ او منصور نظاماڻي ٻڌايو ته پير ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ آيو ھو ته مريد علي مراد آردين تي منھنجو 40 ھزار قرض آهي جنهن جي بدلي مون ڪڻڪ پئي کنئي ته مريدن مٿس حملو ڪيو آهي. ايس ايڇ او ٻڌايو ته ته اسين اين سي داخل ڪري جاچ ڪريون پيا.










