مردان (ويب ڊيسڪ)مردان ۾ هڪ گوردواري تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سک مڙس ۽ زال مارجي ويا. مردان پوليس جي ترجمان موجب، فائرنگ جو واقعو بابو محلي ۾ پيش آيو، جتي قائم گوردواري جي هڪ ڪمري ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ گوردواري جي صفائيءَ تي مقرر ۽ اتي ئي رهندڙ مڙس ۽ زال مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪري جوابدارن جي ڳولا پڻ تيز ڪئي وئي آهي.










