مراد علي شاهه جي عمران خان سان ملاقات، آٰءِ جي تبديل ڪرڻ تي اتفاق

مراد علي شاهه جي عمران خان سان ملاقات، آٰءِ جي تبديل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر هائوس م وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري صوبي جي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن وزيراعظم کي سنڌ جو آءِ جي پوليس ڪليم امام کي هٽائڻ ۽ سنڌ حڪومت پاران تجويز ڪيل ٽن نالن مان ڪنهن کي به مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته جلد نئون آءِ جي مقرر ٿي ويندو. ان کان اڳ هوائي اڏي تي سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير وزيراعظم جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي دعوت ڏني وئي هئي پر هنن شرط رکيو ته وزيراعظم سند بهادر آباد واري مرڪز جو دورو ڪري جنهن کان عمران خان مصروفيتن جو بهانو بڻائي معذرت ڪئي.  نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد به گورنر هائوس وڃڻ کان انڪار ڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ اڃا رابطو آهي ۽ ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو. وزيراعظم ڪنگري هائوس ۾ پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي سان ملاقات ڪندو. گورنر هائوس ۾ ڪامياب جوان پروگرام هيٺ نوجوانن ۾ قرض جا چيڪ تقسيم ڪندو  ۽ وفاقي ترقياتي منصوبن بابت برفنگ وٺندو ۽ شوڪت خانم هسپتال لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو