ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين MR. NAJY BENHASSINE وزيراعليٰ هائوس ۾ پنهنجي اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي 3.5 ارب ڊالر جي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو ورتو جنهن مان 30 جون 2023 تائين 123 ملين ڊالر جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير منظور وساڻ، سردار شاهه، ڄام خان شورو، رسول بخش بلوچ، خاص مددگار حارث گزدر، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءَ الله انڙ، صوبائي سيڪريٽريز ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي ٽيم جي ميمبرن ۾ سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ ليڊر عبدالرزاق خليل، سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ مسٽر لنڪن فلور، سينيئر سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر ۽ ٻيا شامل هئا. ڪراچي موبليٽي پراجيڪٽ: منصوبي تحت ٻه پلن جن ۾ موجوده ڄام صادق پل ۽ هڪ نئين پل بي آر ٽي سسٽم جي بسن لاءِ رٿيل آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي اجلاس کي ٻڌايو ته ٽينڊر ڏيندڙن ٽيڪنيڪل ۽ مالياتي تجويزون جمع ڪرايون آهن ۽ پروجيڪٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽيڪنيڪل بنياد تي گڏيل بحث لاءِ پيش ڪيو ويندو. BRT ڪوريڊور: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته BRT ڪوريڊور فيز-I بابت اسٽيشن جي ڊيزائن، فرش جي ڊيزائن ۽ اوور هيڊ ۽ انڊر پاس انفراسٽرڪچر جي حوالي سان جائزو ورتو ويو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنسلٽنٽ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته روڊ سيفٽي، بزرگ ۽ معذور فردن جي پهچ ۽ گرين ايرياز جي سار سنڀال کي يقيني بڻائين. ڪوريڊور فيز II ٻن ڄاڻايل پيڪيجز ۾ تجويز (پيڪيج V، KPT انٽرچينج کان NMC تائين 4.2 ڪلوميٽر ۽ پيڪيج VA، ڪالا پل کان شاهراهه قائدين تائين 3.8 ڪلوميٽر) ڪيل آهي جنهن کي ڪنسلٽنٽ پاران 30 جون 2023 تائين پيش ڪيو ويندو. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته سندس کاتو شهر لاءِ اليڪٽرڪ بسون خريد ڪري رهيو آهي ۽ اهو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. سولر انرجي: سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ 100 ملين ڊالر جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته پروجيڪٽ جو نظرثاني ٿيل پي سي ون منظوري لاءِ سي ڊي ڊبليو پي وٽ ويو آهي ته جيئن ان منصوبي کي ٻيهر تعمير ۽ وڌائي سگهجي. چيئرمين پي اينڊ ڊي چيو ته 33 سائيٽون هيون جن مان 25 جي سولرائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي باقي اٺن سائيٽن مان ست لڳ ڀڳ مڪمل ۽ تياري جي مرحلن ۾ آهن. ڪراچي نيبر هوڊ پروجيڪٽ: چيئرمين پي اينڊ ڊي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت اڪثر ڄاڻايل منصوبا مڪمل افتتاح ۽ عوام لاءِ کوليا ويا آهن، انهن مان رڳو ڪجهه مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن جيڪي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا ويا آهن. سنڌ آبپاشي ۽ زرعي پيداوار بهتري وارو منصوبو: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٻوڏ جي نقصان جو ڪاٿو مڪمل ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه نقصان جي ڪاٿي، بحالي واري منصوبي ۽ ان جي مڪمل لاڳت جي بنياد تي ڪيو ويندو. موجوده لاڳت جو ڪاٿو هيستائين سڀني منصوبن سميت لڳ ڀڳ 2151.32 ملين ڊالر / 7.58 ملين ڊالر آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ناڻي کاتي 1000 ملين ڊالر رپيا جاري ڪيا آهن ۽ واٽر ڪورس جي بحالي ۽ واٽر اسٽوريج ٽينڪ جي بحاليءَ جهڙن منصوبن جي بحالي لاءِ سمورا ضروري اُپاءُ ورتا ويا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ 30 سيپٽمبر 2023 تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪجهه ٻين منصوبن جو به جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪي رڪاوٽون آهن ته انهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ جلد کان جلد فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن هلندڙ منصوبا وقت تي مڪمل ٿي سگهن.










