ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو آهي ته صوبي جي مختلف مدرسن ۾ پڙهندڙ 2 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي تازو ايڇ آءِ وي/ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جي جاچ ڪئي وئي، جنهن دوران ڪنهن به ٻار ۾ انهن بيمارين جي تصديق نه ٿي.
صحت کاتي جي عملدارن موجب، صحت کاتي جي ماتحت ڪميونيڪيبل ڊزيز ڪنٽرول (CDC) ۽ سنڌ ايڇ آءِ وي پروگرام جي خصوصي اسڪريننگ مهم تحت صوبي جي مختلف مذهبي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ مجموعي طور 2,132 ٻارن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.
عملدارن چيو ته، “ليبارٽري نتيجن جي تفصيلي جائزي دوران انهن بيمارين جو هڪ به ڪيس سامهون نه آيو، جيڪو هڪ حوصلا افزا اشارو آهي. مهم جو مقصد ٻارن ۾ انهن خطرناڪ بيمارين جي ڦهلاءَ کي روڪڻ هو.”
صحت کاتي مذهبي تعليمي ادارن جي انتظاميا، والدين ۽ استادن جو پڻ ٿورو مڃيو، جن اسڪريننگ مهم دوران مڪمل سهڪار ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته، “ٻارن جي صحت جي تحفظ ۽ ڪنهن به امڪاني وبا جي بروقت روڪٿام کي يقيني بڻائڻ لاءِ صحت کاتو مستقبل ۾ به اهڙيون اسڪريننگ مهمون جاري رکندو.”
واضح رهي ته حڪومت اها اسڪريننگ مهم صوبي ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بار بار سامهون ايندڙ وبائن کان پوءِ شروع ڪئي هئي. انهن مان هڪ وڏي وبا ڪراچي جي ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ سامهون آئي، جتي ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن جو انگ 100 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي.










