ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بحالي کاتي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان پي ڊي ايم اي ويئر ھائوس جو دورو ڪيوـ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ٻوڏ متاثرن لاء رکيل شين جو معا ئنو ڪيوـ مخدوم محبوب الزمان ايندڙ چوماسي سسٽم تي عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاء هدايت ڪئي، اڄ منهنجو ڪراچي جو پهريون دورو هو، جلد سنڌ جي ٻين گودامن جو دورو ڪندس، مخدوم محبوب الزمان سان دوري دوران بحالي کاتي وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وسيم شمشاد، ڊي جي پي ڊي ايم سيد سلمان شاهه، ڊائريڪٽر آپريشنز امداد صديقي، سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري سيد سيف علي شاهه، پرائيويٽ سيڪريٽري آصف علي ڏاهري ۽ ٻيا آفيسر شريڪ هئاـ










