مبينه پوليس مقابلو، نثار مهر جي وارثن جو احتجاج

مبينه پوليس مقابلو، نثار مهر جي وارثن جو احتجاج

خانپورمهر(ن س) ميرپورماٿيلو ويجهو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ماريل نثار مهر عرف چريو جي وارثن غلام حسين مهر احسان مهر شفقت مهر ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ خانڳڙھ باء پاس گهوٽڪي روڊ تي مقتول جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي ٽائرن کي باهيون. ڏنيون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن غلام حسين مهر، احسان مهر۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته خانپورمهر پوليس ٻہ ڏينهن خانڳڙھ باءِ پاس تان نثار مهر عرف چريو مهر کڻي وئي هئي ۽ اڄ کيس ماري ڪوڙي مقابلي جي دعوي ڪئي وئي آهي هنن چيو ته ڪوڙي مقابلي م سندس کي ماريو ويو آهي ساڻس انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن خانپورمهر پوليس نثار مهر مٿان داخل 20 ڪيس ظاهر ڪري ڇڏي آهن. خانپور مهر ٿاڻي نثار عرف چريو مهر مٿان چوري.. ڦر. ڌاڙي. پوليس مقابلي. چرس رکڻ سميت ٻيا ڪيس داخل آهن پوليس جي دعوي آهي ته نثار مهر ڏوهاري هو مٿس هڪ ٿاڻي خانپورمهر تي 20 داخل ۽ٻين ٿاڻن ڪيسن جو تفصيل گڏ ڪيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو