اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر مهرنگ بلوچ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پر مکيه وڪيل ايمان مزاري پيش نه ٿي.درخواستگذار طرفان ايڊووڪيٽ ايمان مزاري جي جاءِ تي اسسٽنٽ وڪيل ايمل خان مندوخيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ درخواست ڪئي ته جيئن ته ايمان مزاري عدالت بابت شڪايت داخل ڪئي آهي، تنهن ڪري ڪيس کي ٻي بينچ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪٿي لکيل آهي ته ڪيس منتقل ڪيو وڃي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته گذريل ٻڌڻي ۾ هن عدالت ۾ ڪجهه معاملا ٿيا هئا، چيف جسٽس چيو ته هن عدالت ۾ ڇا ٿيو؟ قانوني آفيسر هتي بيٺا آهن، هتي ڇا ٿيو؟ هن چيو ته وڪيل جي غير موجودگي جو ڪو به مناسب جواز نه ڏنو ويو، عدالت اسسٽنٽ وڪيل جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










