ماهرنگ بلوچ نظربندي ڪيس پروسيجر ڪميٽي حوالي

ماهرنگ بلوچ نظربندي ڪيس پروسيجر ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ بلوچ يونٽي ڪميٽي (BYC) مهرنگ بلوچ جي نظربندي ڪيس کي باقاعده بينچ جي سامهون ٻڌڻي لاءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن موڪليو آهي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ مهرنگ بلوچ جي نظربندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران، درخواستگذار وڪيل فيصل صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته هي آئيني بينچ جو ڪيس ناهي، پر باقاعده بينچ جو ڪيس آهي.جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جيئن ته توهان ايم پي او کي چئلينج ڪيو آهي، اهو آئيني بينچ جو ڪيس ناهي.وڪيل فيصل صديقي چيو ته اسان اپيل ۾ قانون جي تشريح نه گهري آهي، اسان صرف ايم پي او آرڊر کي چئلينج ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو