لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته مان ڇو رٽائر ٿيان، مان 29 سالن جو ڇوڪرو آهيان.فاسٽ بالر نسيم شاهه جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ حسن علي کي ايندڙ مهيني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ لاءِ متبادل طور تي غور ڪيو پيو وڃي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ صارف درخواست ڪئي آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ حسن علي بدران ارشد اقبال کي ترجيح ڏني وڃي.صارف پاڪستاني فاسٽ بالر ارشد اقبال جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”ڏسو هو اضافي بائونس ٿو وٺي، بيٽسمينن لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو ۽ تمام گهٽ خراب بالنگ ڪري ٿو.صارف حسن علي کي ريٽائرمينٽ جو مشورو ڏيندي چيو ته توهان بيٽسمين سيٽ ڪرڻ آيا آهيو، مهرباني ڪري وائيٽ بال ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ٻئي ورلڊ ڪپ ۾ شرمسار نه ٿينداسين.










