مانچسٽر، ڪرڪٽر حيدر علي گرفتاري کان پوءِ ضمانت تي آزاد

مانچسٽر، ڪرڪٽر حيدر علي گرفتاري کان پوءِ ضمانت تي آزاد

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر حيدر علي کي مانچسٽر ۾ گرفتاري کان پوءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، جتي هن تي هڪ عورت سان زيادتي جو الزام آهي. پوليس ٻن هفتن کان پوءِ حيدر علي کي ٻيهر طلب ڪيو آهي، جڏهن ته سندس برطانيه ڇڏڻ تي پابندي آهي. هي واقعو پاڪستان شاهينز ڪرڪيٽ ٽيم جي انگلينڊ جي تازي دوري دوران پيش آيو.ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽر حيدر علي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، بورڊ جو چوڻ آهي ته حيدر کي قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي. پي سي بي چيو آهي ته حيدر علي خلاف قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انضباطي ڪارروائي تي غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو