وارهه(ن س)ڳوٺ رسول بخش بروھي ۾ مال جي ڀيل تان مگسي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزادانا استعمال، مگسي برادري جا 6 ڄڻا شوڪت علي، ذيشان، عبدالڪريم، سمير ، فضل، مجيب الرحمان ۽ بروهي برادري جو ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيا. مگسي ڌر جي ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي جن کي وارھ سول اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.










