مافيا جي ذهنيت اها آهي جنهن کي خريد نه ڪري سگهي، ان کي ختم ڪري ڇڏيو :عمران خان

مافيا جي ذهنيت اها آهي جنهن کي خريد نه ڪري سگهي، ان کي ختم ڪري ڇڏيو :عمران خان

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي مذمت ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي مخالفن تي تنقيد ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته هو سنڌ حڪومت پاران اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هي کليل فاشزم آهي، جيڪو زرداري ۽ شريف مافيا جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو ته انهن کي ختم ڪري ڇڏيون، جن کي خريد نٿو ڪري سگهجي، اهي حربا جمهوري معاشري ۾ بلڪل ناقابل قبول آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڏکڻ پنجاب جي تباهه ٿيل علائقن ۽ ميانوالي ضلعي جي متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ان سان گڏ مون خيبرپختونخواهه حڪومت کي به هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن تائين امدادي سامان پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو