ماتمي پڙن ۽ جلوسن جي رستن تان پاڻي ڪڍو، ڊي سي

ماتمي پڙن ۽ جلوسن جي رستن تان پاڻي ڪڍو، ڊي سي

ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) ٽنڊوباگو ۾ برسات جي موسم دوران شهر جي روڊ رستن، گلين ۽ ماتمي پڙن مان پاڻي جي جلدي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي لاء ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيال ٽنڊوباگو پهچي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو غلام نبي سولنگي، مختيار ڪار ٽنڊوباگو عبدالغفار لاکير، ٽائون آفيسر محمد حسن ملاح ۽ ٻين آفيسرن سان ميٽنگ ڪري محرم الحرام جي ڏهاڙن دوران شهر جي سمورن پڙن امام بارگاهن ۽ مسجدن سميت شهر جي روڊن رستن تان برساتي پاڻي جي جلدي نيڪال ۽ گند ڪچري جي مڪمل صفائي جون هدايتون ڏنيون، ان بعد ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيال اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو غلام نبي سولنگي، مختيار ڪار عبدالغفار لاکير ۽ ٽائون آفيسر محمد حسن ملاح سان گڏ شهر جي مخلتف هنڌن جو معائنو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ شهر جي روڊن رستن ۽ مختلف پڙن جي صفائي جو جائزو ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو