واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران چائنيز ايپ ٽڪ ٽوڪ تي پابندي هڻڻ بدران 45 ڏينهن ۾ وڪرو ڪرڻ واري اعلان بعد مائيڪرو سوفٽ اها خريدڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. خابرو اداري رائٽر موجب مائيڪرو سوفٽ جي اهڙي اعلان بعد سندن شيئر جي قيمت ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي. اهو معلوم ناهي ته ڪيتري قيمت تي خريدي ويندي يا بزنس ڊيل جا تفصيل ڇا آهن. صدر ٽرمپ اڳ ۾ ٽڪ ٽوڪ تي آمريڪا ۾ پابندي مڙهڻ جو اعلان ڪيو هو پر سندس مشيرن چيو ته ان سان اها ايپ استعمال ڪندڙن م مايوسي ٿيندي ۽ نومبر ۾ رٿيل صدارتي چونڊ ۾ اوهان کي ڌچڪو لڳندو. جنهن بعد صدر ٽرمپ چيني ڪمپني بائيٽ ڊانس تي ٽڪ ٽوڪ45 ڏينهن ۾ وڪرو ڪرڻ جو شرط لڳايو آهي. ياد رهي ته هڪ اندازي موجب ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو آمريڪا ۾ ٽڪ ٽوڪ استعمال ڪندا آهن. بل گيٽ جي مائيڪرو سوفٽ ڪمپني، آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ لاءِ ٽڪ ٽوڪ خريدڻ چاهي ٿي.










