اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف پنجن سالن لاءِ مائنس پي ٽي آءِ سڀني جماعتن جي نمائندن تي مشتمل قومي حڪومت ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. اهڙي تجويز هن جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ جي ميزبان حامد مير کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي ناهي بلڪ تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ڪا به هڪ سياسي جماعت ملڪ کي درپيش بحران مان ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي ان ڪري قومي حڪومت جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ميان نواز شريف منهنجو نالو وزيراعظم لاءِ تجويز ڪيو ته مان سڀني کي گڏ کڻي هلندس.










