مئي لاءِ ايل اين جي اسپاٽ پرچيز جو ٽينڊر جاري

مئي لاءِ ايل اين جي اسپاٽ پرچيز جو ٽينڊر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مئي لاءِ ايل اين جي اسپاٽ خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا آهن.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ 2 ايل اين جي ڪارگو لاءِ بين الاقوامي ڪمپنين کان بوليون طلب ڪيون آهن. بين الاقوامي ڪمپنيون 7 مئي تائين بوليون جمع ڪرائينديون.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته بوليون 7 مئي تي ئي کوليون وينديون. مئي لاءِ پهرين ايل اين جي ڪارگو جي فراهمي 12 کان 14 مئي تائين رکي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، ٻئي ايل اين جي ڪارگو جي فراهمي 24 کان 26 مئي تائين هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو