اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) لڪپور ۾ شبير مهر جي بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي. ڪڻڪ جو 3 ايڪڙ تيار فصل سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي فائر برگيڊيئر عملو نه پهچي سگهيو. ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ سان باھ تي ضابطو ته آندو پر نقصان ڪافي ٿي چڪو هو ۽ فائر برگيڊ جي بروقت پهچڻ سان نقصان گهٽ ٿي سگهي پيو. ڳوٺاڻن ۾ اهي به چوٻول آهن ته ڪنهن شرارت ڪئي آهي.










