لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ خارجين خلاف سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ۾ 8 خارجي مارجي ويا ۽ 5 سخت زخمي ٿيا، سيڪيورٽي ذريعن موجب، 24 آڪٽوبر تي لڪي مروت جي علائقي واندا شيخ الله ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران خارجين کي فرار ٿيڻ جو ڪو به موقعو نه ڏنو ويو ۽ 8 خارجي مارجي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سرچ آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت آپريشن آخري خارجي جي خاتمي ۽ امن امان مڪمل طور تي بحال ٿيڻ تائين جاري رهندو، ياد رهي ته سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن ٽانک ۾ به آپريشن ڪيو هو ۽ 8 هندستاني سرپرست خارجين کي ماريو هو.










